پٽ گهر کسڻ ٿا چاهين، 8 ٻارن جي ماءُ گهران بي دخل

سکر (بيورو رپورٽ) اٺن ٻارن جي ٻڍڙي ماءُ کي نافرمان پٽن تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو،امڙ نير وھائيندي سکر پريس ڪلب پھتي. پراڻي سکر نصرت ڪالوني نمبر 5 جي رھواسڻ 50 ساله 8 ٻارن جي امڙ مائي پروين دانھيو ته جوان پٽن معظم علي ۽ اظھر علي ۽ انھنن جون زالون تشدد ڪنديو آھن 2015 ۾ مڙس فوت ٿيو ان کان پوءِ زندگي زهي ٿي وئي آهي. ننهون مسلسل تنگ ڪندي تشدد ڪنديون آهن، وليس وٽ وئي آھيان پر ڪو تدارڪ نٿو ٿئي،پٽ ۽ انھنن جون زالون جاءِ وڪرو نه ڪرڻ تي اھڙي قسم جون ڪاروايون ڪري رھيا آھن ھن چيو ته مونکي منھنجي مڙس کان پوءِ ھڪڙي جاءِ ئي آھي جيڪا کسڻ چاهن ٿا. هن چيو ته کيس تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو