پي پي اڳواڻ جي نياڻي ۽ صحافي جي ماسي فوت

مديجي /مبارڪپور (نمائندن وٽان)مدئجي ۾ پيپلزپارٽي ضلع شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ۽ پي پي اڳواڻ ذوالفقار خان ڪماريو جي15 سالا نياڻي وفات ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز مدئجي ويجهو ڳوٺ ترائي ۾ ادا ڪئي وئي،جنهن بعد اباڻي قبرستان ڀٽائي جي تقي ۾ تدفين ڪئي وئي، جنازه نماز ۾ سردار صفدر خان مٺاڻي،سيد درمحمّد شاهه شھر جي سياسي سماجي ماڻھن شرڪت ڪئي، صفدر خان مٺاڻي،ايم پي اي شھريار خان مھر،ايم اين اي رميش لال، گل محمد جکراڻي، طارق انور سيال، سيد سراج شاھ امروٽي، سردار عامر خان ڀٽو، اشرف علي سھتو ۽ ٻين ڳوٺ ترائي پھچي تعزيت پڻ ڪئي، تعزيت جو سلسلو جاري آھي. *** پريس ڪلب مبارڪپور جي نائب صدر محمود ڀٽو جي ماسي ۽ مبارڪپور پرنس ڪيبل جي مالڪ بابوڙي عرف نور محمد ڀٽو جي گهر واري ڪينسر وگهي ڪجھه  عرصو بيمار رهڻ ڪري ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏڻو ڪري وئي جنهن جي جنازي نماز  خميس تي ادا ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو