پي ٽي آئي چيئرمين کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گهرو وزارت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.گذريل ڏينهن ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کان پوءِ پوليس عمران خان کي لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪيو هو.ذريعن موجب اٽڪ جيل ۾ قيد عمران خان کي بي ڪلاس ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. گهرو وزارت جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي بي ڪلاس تحت سموريون سهولتون ڏنيون ويون آهن.گهرو وزارت ٻڌايو ته عمران خان کي جيل اندر هفتي ۾ هڪ ڏينهن گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرڻ جي به اجازت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو