اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ جي ئيڪٽرن، سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن، قومي ڪريڪٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس، پگهارن، ميچ فيس، الائونسز ۽ ٻين مالي فائدن جون تفصيلون فراهم ڪرڻ بابت پاڪستان انفارميشن ڪميشن جا حڪم معطل ڪري ڇڏيا.چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر 9 جولاءِ 2026ع جي پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي 2 حڪمن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواستگذارن ڪاشف شهزاد خان ۽ نعيم احمد کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.پي سي بي جي وڪيل ڪاشف علي ملڪ ئي موقف اختيار ڪيو ته گهريل معلومات ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن کان علاوه فردن جون ذاتي مالي معلومات ۽ ۽ خفيه معاهدن جون تفصيلون به شامل آهن.عدالت نومبر 2025ع ۾ اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي براڊڪاسٽنگ حقن، اسپانسرشپس، اشتهارن، ٽڪيٽن جي وڪري ۽ ٻين تجارتي ذريعن مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جون تفصيلون فراهم ڪرڻ جو حڪم به معطل ڪري ڇڏيو.درخواستن ۾ مالي سال 2023ع کان 2025ع تائين سالياني بجيٽ ۽ خرچن، پي سي بي عهديدارن ۽ سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي پگهارن، ميچ فيس، سينٽرل ڪانٽريڪٽس، الائونسز ۽ ٻين مالي مراعات جون تفصيلون به گهريون ويون هيون. پاڪستان انفارميشن ڪميشن پي سي بي کي 10 ڏينهن ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته عدالت ٻئي حڪم معطل ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










