اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 جا باقي ميچ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ اڄ راولپنڊي ۾ شيڊول ميچ ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب پي ايس ايل 10 جا باقي ميچ ڪراچي منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڄ راولپنڊي ۾ شيڊول ميچ ملتوي ڪيو ويو آهي.پي سي بي فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ضرورت پوڻ تي باقي ميچ دبئي منتقل ڪرڻ جو آپشن پڻ موجود آهي.










