فريال ٽالپر کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جي تجويز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جي تجويز سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا به سنڌ جي وڏي وزير لاءِ ريس ۾ شامل آهن.پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري مرڪز ۾ عهدو قبول نه ڪندا ته فريال ٽالپر کي وڏي وزير بڻائي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو