پيپلزپارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ جا خواهش مند مايوس ٿيندا، ٻٽ

ميهڙ(غلام حسين پنھور) پ پ ايم پي اي ڳوڻي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وفاق جي ٻه اکيائي باوجود سنڌ سرڪار سنڌ جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ارڙهين ترميم باوجود وفاقي سرڪار جي مداخلت سبب سنڌ ۾ احساس محرومي ٿي رهي آهي سنڌ کي ترقياتي منصوبن ۾ وفاق نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي وفاق جون سموريون پاليسون ناڪام ٿي چڪيون آهن ملڪ ۾ دهشت گردي، بيروزگاري مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پ پ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي  ۾ ملڪ جي سالميت ۽ جهموريت جي مضبوطي ۽ بحالي لاء جدوجهد ڪري رهي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه سنڌ جو بهترين  وزير اعلي ثابت ٿيو آهي جيڪو سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ بي روزگاري جي خاتمي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي هن چيو ته پ پ ۾ ڪو به نه فارورڊ بلاڪ آهي نه ئي ٺهندو پ پ کي ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ وارا ۽ آمراڻي سوچ رکندڙ ناڪام ٿيندا هن چيو ته عوام کي گمراه ڪرڻ لاء پهرين گورنر راڄ جو سنڌ ۾ شوشو  ڇڏيو ويو ۽ هاڻي فارورڊ بلاڪ جو شوشو ڇڏي عوام کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۔ هن چيو ته پ پ خلاف سموريون سازشون  ناڪام ٿينديون عوام اوفواهون ڦھلائيندڙن کي سڃاڻي 2018 جي اليڪشن ۾ رد ڪري چڪو آهي ۔ ان موقعي تي سپاف دادو ضلعي جو اڳوڻ عبدالنبي چانڊيو ۔ ظفر چانڊيو نظر پنهور ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو