پيپلزپارٽي اڳواڻ تاج حيدر جي گهر ۾ ٽيون ڀيرو چور داخل

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر جي گهر ۾ ٽيون ڀيرو چور داخل ٿيا. 09 آڪٽوبر واري ڏهاڙي نامعلوم چورَ تالا ڪٽي گهر اندر داخل ٿيا. واضح رهي ته چور ٻه ڀيرا اڳ به تاج حيدر جي گهر مان چوري ڪري چڪا آهن. جڏهن ته هر ڀيري چور 09 تاريخ تي ئي تاج حيدر جي گهر ۾ چوري ڪندا رهيا آهن. تازي واردات بابت تاج حيدر ڪراچيءَ جي گِذِري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته چور تالا ڪٽي گهر ۾ گھڙيا، گهر جو سمورو سامان وکريل هيو جڏهن ته چور ڪا قيمتي شئي کڻي ناهن ويا. ٻڌايو ويو آهي ته اربع ڏهاڙي تاج حيدر جي گهرواري به پيڪين ويل هئي.  

پهنجو تبصرو موڪليو