پي پي اڳواڻن سان ڌاڙيلن وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي،سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني پيپلزپارٽي اڳواڻن جي گرفتارين تي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان ڦورو ۽ ڌاڙيلن وارو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ صلاحڪار جيل خانه جات اعجاز جکراڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته صرف الزامن جي بنياد تي پارٽي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي پر ان باوجود وزيراعظم عمران جي ڀيڻ عليمه خان، وزير دفاع پرويز خٽڪ سميت ٻين حڪومتي اڳواڻڻ خلاف انڪوائريون هلندڙ آهن پر انهن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) کي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن خلاف لڳايو پيو وڃي ۽ انهيءَ ڪري پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ان جي ڀيڻ فريال ٽالپور ۽ ٻين اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چين ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بابت پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو چين ۽ سعودي عرب ۾ اپوزيشن جو نالو نشان ئي ناهي عمران خان به پاڪستان ۾ اپوزيشن جو نالو نشان مٽائڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو