اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار پنهنجي وڊيو بيان ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 9 رپيا 53 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 2 رپيا 53 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
