نوشهروفيروز(ڊ ر) خزاني آفيس نوشهروفيروز ۾ اڪائونٽنٽ جنرل اي جي سنڌ غفران ميمڻ آن لائن پينشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غفران ميمڻ چيو ته سنڌ جي 22 ضلعن مان 21 ضلعا پينشن جي حوالي سان آن لائن ٿي چڪا آهن، هاڻي پينشنرن کي آن لائن پنهنجي پينشن ملي سگهندي. هن چيو ته پينشنرز کي سھولتون ڏيڻ لاءِ ھر ٽريزري آفيس ۾ الڳ پينشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. رٽائرڊ ملازمن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪنهن به پينشنر کي پگھار وٺڻ لاءِ انتظار نه ڪرڻو پوي ۽ سندن پينشن اسٽيٽ بئنڪ مان سڌو سندن اڪائونٽ ۾آن لائن هلي وڃي. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سموري سنڌ ۾ حاضر ملازمن جيان ريٽائرڊ ملازمن کي به پينشن اڪائونٽ ۾ ملي سگهي ڪنھن به پوڙهي کي پريشاني نه ٿئي. هن چيو ته ضلعي نوشهروفيروز جي خزانه آفيس سمورن پينشنرن جي پينشن آن لائن ڪري ڇڏي آهي جيڪا خوشي جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ جي 22 ضلعن مان صرف حيدرآباد ضلعو آن لائن کان رهجي ويو آهي جيڪو پڻ جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته جي پي فنڊ ۽ ٻيون سهولتون پڻ آن لائن ڪيون وڃن. ان موقعي تي ايڊيشنل اي جي عزيز احمد زئي، ڊي اي جي ماجد علي راڄپر، ڊي سي بلال شاهد رائو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر نوشهروفيروز ضمير حسين کوکر، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر اعجاز علي ميمڻ، ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر غلام شبير ڏيپر، مقبول احمد شيخ، علي اڪبر چانڊيو، محمد ڪامل مورو، انور هاليپوٽو، امان الله ڀنڊ ۽ ٻيا پڻ افتتاحي تقريب ۾ موجود هئا.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران