پيار پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر مٿان حملو، زيور، روڪ رقم ڦر

سوڀوديرو (مظهر نعمت منڱڻيجو) ڳوٺ محرم سولنگي جي رھواسين مسمات امبرين سولنگي پنھنجي سھري الھورايو سولنگي سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته مون 11 مھينا اڳ عدالت جي اجازت سان ارشاد سولنگي سان شادي ڪئي ھئي گذريل ڏينھن منھنجي مامي پوليس اھلڪار ھوندل سولنگي، چاچو فوجي وسيم سولنگي، ايس ايڇ او راڻيپور امير چانگ اي ايس آءِ نادر خاصخيلي ۽ ٻيا پوليس اھلڪار ساڻ ڪري اسان جي گھر تي منھنجي مڙس  کي قتل ڪرڻ لاءِ چڙھائي ڪئي جيڪو  ڀڄي وڃي ٻئي گھر ۾ لڪي ويو. راڻيپور پوليس پرائيويٽ ماڻھن اسان جي گھر ۾ پيل پيتيون ڀڃي سونا زيور، روڪ رقم، 80 ھزار، ڪمپيوٽر، دوربيني، موٽرسائيڪل، ڪپڙا ،موبائل فونون ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪيو ۽ تشدد ڪيو. منھنجي مامي پوليس اھلڪار ھوندل سولنگي فوجي وسيم سولنگي ۽ ٻين ڪجھ مھينا اڳ به حملو ڪري منھنجي سھري الھورايو سولنگي ڏير منير کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ھو. پوليس اھلڪار مامو ھوندل سولنگي 50 ھزار ڀتو گھري ٿو. اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪرائي ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو