پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، ايس ايس پي تي فائرنگ، محافظ زخمي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوڄ) ڪچي جي علائقي دراني مھرٿاڻي جي حد۾ ايس۔ايس۔پي ڪشمورجي اڳواڻي ۾ ڏوھارين خلاف ھلندڙآپريشن دوران ڏوھارين پاران ايس۔ايس۔پي سيداسدرضاشاھ جي گاڏي کي نشانوبڻائيندي مٿن انڌا دنڏ فائيرنگ ڪئي. جنھنجي نتيجي ۾ ايس۔ايس۔پي محفوظ رھيو پرفائيرنگ جي ڏي وٺ دوران سندس محافظ زوھيب ميراڻي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. زخمي اھلڪار کي فوري طبي امدادلا۽ ڪنڌڪوٽ اسپتال اماڻيو ويو جنھنجي حالت خطري کان ٻاھرٻڌائي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو