پوليس مقابلي ۾ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) مورو ۾ پوليس مقابلي بعد زخمي حالت ۾ هڪ ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مورو پوليس موجب زيتون جي باغ گچيرو روڊ وٽ مبينا ڦر جي ارادي سان بيٺل ڦورن سان مقابلو ٿي پيو جنھن دوران فائرنگ بعد ھڪ ڦورو ياسر ولد ياسين ڪورائي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان موقعي تي ايس ايڇ او مورو محمد حنيف مھر ٻڌايو ته گشت دوران ڦورو اوچتو روڊ تي ڦر جي ارادي سان چڙھيا ته فائرنگ ٿي گرفتار ڦورو ياسر ڪورائي سندس ساٿي جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو گرفتار ڦورو کي زخمي حالت ۾ مورو اسپتال آندو ويو جتي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گرفتار ڦورو مورو ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ ڌٺل ڪورائي جو رھواسي آھي جنهن خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ پوليس مقابلو ۽ 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو