پوليس زيادتين ۽ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو ڌار ڌار احتجاج

جروار(رپورٽ محمد بخش گبول) ڳوٺ صاحب لنڊ جي رهواسين پوليس جي زيادتين ۽ ڳوٺ گلاب چاچڙ جي ڳوٺاڻي پورهيت جمال بوزدار زمين تي قبضي خلاف جروار پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار احتجاج ڪيو. ڳوٺ صاحب لنڊ جي رهواسين امام بخش لنڊ، علي گل لنڊ ۽ عاشق لنڊ پنهنجي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جروار پوليس بنا جواز اسان جي گهرن تي هر روز چڙهائي ڪري ٿي، ناحق گرفتار ڪري هزارين روپيا رشوت  وٺي ٿي.

پوليس گهرن تي چڙھائي ڪري گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيوآهي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي. ان ڏس ۾ جروار ٿاڻي جي وڏي منشي فتح علي مشوري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ميراڻي برادري جي هڪ عورت ٽي مهينا اڳ گهران نڪري وئي هئي ۽ عورت جي وارثن انهن مٿان شڪ ڏيکاريو آھي ان ڪري اسان جاچ ڪريون پيا. ٻئي پاسي ڳوٺ گلاب چاچڙ جي رهواسي پورهيت جمال بوزدار چيو ته منهنجي ساڍا ٽي جريب زمين ڳوٺ ڀرسان آھي جنهن جو کاتو به مون وٽ آھي، ان زمين تي ٻن سالن کان ڳوٺ جا بااثرن محمد هاشم بوزدار، خان محمد بوزدار ۽ بخشڻ بوزدار وارن قبضو ڪيو آھي. اسان زمين تي وڃون ٿا ته اهي اسان سان هٿيار کڻي وڙھڻ اچن ٿا. ڪيترائي دفعا جروار پوليس وٽ وياسين پر پوليس انهن بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي.هن ٻڌايو ته زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻھن ۽ جروار پوليس خلاف سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ وڪيل لياقت ملاڻو جي معرفت درخواست داخل ڪرائي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو