پوليس جي 4 ايس ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾  4 اهم آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 18 هين جي  ايس ايس پي ڪورنگي سيد محمد علي رضا کي بدلي ڪري ايس ايس پي ملير لڳايو ويو آهي. گريڊ 19 هين جي اي آءِ جي آپريشنز سي پي او، رٽائرڊ ڪيپٽن فيصل عبدالله چاچڙ کي ايس ايس پي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي. اُن کانسواءِ گريڊ 18 هين جي، ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم کي بدلي ڪري سي پي او ۾ چاچڙ جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سندس جاءِ تي گريڊ 18 هين جي ايس ايس پي امجد احمد شيخ جيڪو اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ۾ تعينات هو تنهن کي ڄامشورو جو نئون ايس ايس پي لڳايو ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ پوليس جي، ڊي آءِ جي خادم رند جون خدمتون وفاقي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو