پوليس آفيسرن جي بدلين تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف تيز

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ هلندڙ اختلاف هاڻي آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي هيتين سطح تي پهچي ويا آهن. اڳ ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ جي بدلي تان اختلاف ٿيا ۽ هاڻي ايس ايس پي عمر ڪوٽ اعجاز شيخ تي ڇڪ ڇڪان آهي. وفاقي حڪومت جي ٻنهي فيصلن کي سنڌ حڪومت رد ڪندي صوبي ۾ مداخلت جو الزام هنيو آهي ۽ چيو آهي ته اهي حڪم رد ڪيا وڃن يا واپس ورتا وڃن ڇو ته سنڌ ۾ سي ايس پيز جي کوٽ آهي. هڪ پاسي آفيسرن جي کوٽ جو جواز آهي ته ٻئي پاسي ساڳئي وقت ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جون خدمتون سنڌ حڪومت وفاق کي واپس ڪري ڇڏيون آهن. جنهن جو بظاهر سبب ڊاڪٽر رضوان جو اهو بيان بڻيو جنهن ۾ هن چيو هو ته ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ پويان سردار ۽ ڀوتار آهن. جڏهن ته اعجاز شيخ جي بدلي جو سبب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي انا آهن. ڪجهه وقت اڳ تيزگام ايڪسپريس کي باهه سبب فوت ٿيلن جي عذر خواهي تي مير پور خاص اچڻ دوران حليم عادل پاڻ تي ٿيل مبينه حملي جو ذميوار قرار ڏنو هو. سنڌ جي وڏي وزير جي قانون بابت مشير مرتضيٰ وهاب عمر ڪوٽ جي ايس ايس پي جي بدلي جو ذميوار گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي قرار ڏنو ۽ چيو ته حليم عادل جي خواهش تي صوبه بدر ڪيو، شرم اچڻ گهرجي. هوڏانهن گورنر جو چوڻ آهي ته منهنجو ان سان واسطو ناهي اهو صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جو معاملو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو