پنو عاقل: (ن س) پنو عاقل ۾ ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.اکين ڏٺن شاهدن موجب، حادثو سانگهي نيشنل هاءِ وي تي پنو عاقل ويجهو پيش آيو، جتي مخالف طرف کان ايندڙ ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار سميت جوڙو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم موقعي تي پهچي ٽنهي فوتين جي لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جو تعلق صادق آباد سان هو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










