لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ڪورونا کان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ حڪومتي ذميواريون سنڀالي ورتيون.پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار اڄ مختلف اجلاس طلب ڪري ورتا آهن جنهن ۾ صفائي جي صورتحال بابت به اهم اجلاس گهرايو ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عوام جي خدمت جي سفر کي وڌيڪ تيزي سان اڳيان وڌائينداسين. ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪابه سازش ڪامياب نه ٿيندي.هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به افراتفري پکيڙڻ جي سياست ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. پي ڊي ايم جي بي مقصد تحريڪ پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي.










