پنجاب جو سنڌو درياءَ تي نئون ڌاڙو، سنڌ حڪومت لاعلم بڻيل

ڪشمور(جي ايم کوسو) پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي نئون ڌاڙو، سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڊائون اسٽريم تونسا، قادرا ڪينال ذريعي 1500 ڪيوسڪس پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. سنڌ لاعلم بڻيل، سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن جو احتجاج، سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. پنجاب ڊيرا غازي خان ضلعي ۾ راڄنپور کي زرعي مقصد ۽ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ قادرا ڪينال ۾ سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻڻ شروع ڪيو آهي. خانه پوري ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت ارسا کي خط موڪلي اجازت گهري آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته تونسا بيراج مان نڪرندڙ ڊي جي خان ڪينال ۾ واري ڄمي وئي آهي ۽ ڪپر ڪمزور ٿيڻ ڪري پاڻي کڻڻ جي ڊزائن ٿيل 8900 ڪيوسڪس واري گنجائش بدران 7500 ڪيوسڪس پاڻي کنيو وڃي ٿو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڊي جي ڪينال مان بقايا پاڻي 1500 ڪيوسڪس تونسه بيراج جي ڊائون اسٽريم ڪوٽ مٺڻ لڳ قادرا ڪريڪ(درياجي ڇني)مان پاڻي کڻڻ جي منظوري ڏني وڃي. تونسه بئيراج جي مٿانھون نڪرندڙ ڊي جي ڪينال مان 90 آرڊي تي دجل ڪينال ۽ قادرا ڪينال نڪرن ٿا جيڪي ضلع ڊيراغازي خان ۽ ضلع راجن پورجي 170789ايڪڙ زمين کي آباد ڪن ٿا.

خط ۾ اھو ڄاڻايو ويو آهي ته پڇڙي تي روجھاڻ ۽ شاھوالي جي ماڻھن کي پيئڻ لاء پاڻي ڪونه آھي ان ڪري ٻوڏ جي دوران 3 مھينن جي لاء پاڻي جي منظوري ڏيويو ته جيئن زرعي زمينن کي آباد ڪري سگھون ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي فراهم ڪري سگهون. ٻئي طرف اھو به معلوم ٿيو آھي ته پنجاب جي آبپاشي جي عملدارن پاران قادرا ڪريڪ (درياجي ڇني) مان پاڻي وھائڻ لاء سڄي ڪينال کي لائننگ ڪري پڪو ڪيو ويو آهي جتان پنجاب وارا پاڻي سنڌو درياءَ مان کڻي رھيا آھن ۽ هي خط وڪتابت خانه پوري لاءِ آهي.

ان ڏس ۾ جڏهن سنڌيار پاران ارسا جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر آپريشن خالد ادريس راڻا سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته اسان کي اڃا خط ناهي مليو پر ان معاملي بابت اسين پنجاب حڪومت کي سختي سان منع ڪئي آهي ته ائين نه ڪريو اهڙو عمل 1991واري پاڻي جي ٺاھ جي ڀڃڪڙي آھي. هوڏانهن سنڌ آباگاربورڊ جي مرڪزي اڳواڻ اسلم مري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اھو سراسر پنجاب جي بدنيتي آھي جڏھن 1991ع وارو ٺاھ موجود آھي ۽ ان ٺاھ ۾ اھو لکيل آھي ته تونسه بيئراج کان ھيٺ ڇڏيل پاڻي سنڌ جي حصي جو آھي ته پوءِ پنجاب ڇو ٿو اهو پاڻي کڻي؟ اهو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو آهي.

ان ڏس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻن محمود نواز شاھ ۽ عمران علي بوزدار رابطو ڪرڻ تي چيو ته پنجاب ھميشه جيان سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ڌاڙو ھڻندو پيو اچي، سنڌ حڪومت کي ان تي فوري احتجاج ڪرڻ گهرجي. ھنن چيو ته قادرا ڪريڪ (دريا جي ڇني) تي جيڪو پاڻي 3مھينن جي مبينه ٻوڏ دوران هو گھر ڪن ٿا ان ۾ سنڌ کي خدشا آھن ڇو جو اڳ ۾ به ٿل ڪينال چشمه جھلم لنڪ ڪينال جيڪي به فلڊ ڪينال آھن ھاڻ اھي 12 مھينا پنجاب وارا پاڻي وھائي پنھنجو زرعي زمينون آباد ڪن ٿا. هنن چيو ته ھاڻي وري پنجاب وارا قادرا ڪينال ذريعي 1500 ڪيوسڪس جو گھر ڪن ٿا جڏھن ته 1991 ٺاھ موجب ڪوبه صوبو پنھنجي حصي جو پاڻي بئيراج کان سواء نٿو کڻي سگھي. ھنن وڌيڪ چيو ته پنجاب وارا جنھن جڳھ تان پاڻي کڻڻ چاھن ٿا اھو ڪوٽ مٺڻ جي پل جي مٿانھين پاسي دريا جي ڇني آهي جتي ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس ۽ پاڻي جو گيج لڳل ناھي،ڪهڙي گارنٽي آهي ته هو1500  بدران 5000 ڪيوسڪس کڻي وڃن. سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ٿو ڪري ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کي انھي معاملي بابت جانچ ڪرائي ترت اھڙي عمل تي پابندي لڳائڻ گهرجي ۽ پنجاب آبپاشي کاتي جي ملوث عملي خلاف انڪوائري ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو