پسند جو پرڻو، پلاند ۾ ڀيڻ اغوا، بااثر جي مداخلت تي آزاد

ڪنب(صفدرچانڊيو) ڳوٺ خيرمحمد سومرو مان 18 سالا نوجوان ناري مسمات گُڏي ڌيء الهڏنو منگي پنهنجي چاهيندڙ نوجوان محسن علي ولد حاجي غلام مصطفي سومرو سان رات دير سان  گهران نڪري وئي آهي جڏھن ته ناريء جي وارثن  پاران  محسن علي سومرو مٿان مبينا اغوا جو الزام مڙھڻ کانپوءِ ناريء جي وارثن محسن علي سومرو جي گهر ۾ گهڙي زبردستي سندس گهر ڀاتين امڙ زاهده خاتون ۽اسڪول پڙھندڙ ڏھ سالا ڀيڻ فائزه کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوء پيٽرول هاري باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پرترجي بااثر جي مداخلت تي نوجوان جي امڙ ۽ ڀيڻ کي آزاد ڪرائي ڪنهن نامعلوم هنڌ موڪليو ويو آھي جڏھن ته نوجوان جا سمورا گهر ڀاتي ۽ رشتيدار خوف سبب گهر خالي ڪري هليا ويا آھن . اهڙي واقعي جو ڪنب پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن   ڪاروائي ڪندي نوجوان جي ويجهن رشتيدارن ڪريم بخش ولد محمد پريل ۽ آصف علي ولد احمد علي سومرو کي گرفتار ڪري کڻي آئي آھي جڏھن ته ڪنب پوليس پاران اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ پڻ قائم ڪئي وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو