پروگريسو ڪاميٽي جي سڏ تي سکر ۽ مورو ۾ مهانگائي خلاف احتجاج

مورو/ سکر(نمائندن وٽان) سنڌ پروگريسو ڪاميٽي پاران مھانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مورو ۽ سکر ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اياز سولنگي موجب پريس ڪلب کان شاھي بازار تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي  ڪامريڊ يونس راھو، خالد ٻگھيو، منظور خاصخيلي، اصغر چانڊيو، امير لغاري، راجا کوسو، جمعہ خان راٺوڙ ۽ ٻين ڪئي. جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ عام واھپي جي شين گيھہ، کنڊ، اٽو، سبزيون تيل ۽ گيس جون قيمتون پنجاهه سيڪڙو گھٽايون وڃن، حڪمران اشرافيہ جا خرچ ۽ دفائي بجيٽ گھٽائي وڃي، آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ بند ڪيا وڃن ۽ آءِ ايم ايف جون سموريون عوام دشمن پاليسين تي عمل درآمد ختم ڪيو وڃي، مزدور پورھيتن جون اجرتون وڌايون وڃن تہ جيئن غريب طبقو پنھنجي زندگي بھتر طريقي سان گذاري سگھي. هوڏانهن سکر مان امداد ڪلوڙ موجب سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي سڏ تي مهنگائي ۽ آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڪڙن شرطن وارن معاهدن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن کي خطاب ڪندي عاشق چاچڙ، شائستا کوسو ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مهنگائي وڌڻ سبب غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. هنن تيل، گيس ۽ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ملڪ لٽيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو