مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس مظاهر نقوي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست کي غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.ٻڌڻي دوران جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي؟ درخواستگذار چيو ته جيڪڏهن درخواست 6 سال اڳ داخل ڪئي وڃي ها ته بي اثر نه ٿئي ها، اسان جا خدشا درست ثابت ٿيا، پرويز مشرف ٻاهر ويو ۽ واپس نه آيو.جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته الله تي ڇڏي ڏيو.درخواستگذار چيو ته هاڻي الله تي ڇڏيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو