پرويز الاهي ٻنهي ڪيسن مان بري، نئين ڪيس ۾ وري گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي ضمانت واري ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.گوجرانوالا جي ڊيوٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد افضل محفوظ فيصلو ٻڌايو. عدالت ٻنهي ڪيسن مان پرويز الاهي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.گذريل ڏينهن لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت پرويز الاهي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو. پرويز الاهي کي 2 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جي الزام ۾ گوجرانوالا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت چوڌري پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته چوڌري پرويز الاهي کي ٻن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيسن جي جاچ ۽ رشوت جي رقم جي وصولي لاءِ جسماني رمانڊ جي ضرورت آهي.جاچ ٽيم درخواست ڪئي ته جوابدار پرويز الاهي کي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو.واضح رهي ته پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي خلاف گوجرانوالا ٿاڻي اينٽي ڪرپشن ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻنهي ايف آءِ آر ۾ گجرات ۾ روڊن جي تعمير جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جو الزام آهي.ڪيس نمبر 6/23 ۾ الزام آهي ته پل بنيان کان ڇٽانوالا تائين 10 ڪروڙ 30 لک رپين جي لاڳت سان روڊ ٺاهيو ويو. ڪيس نمبر 7/23 ۾ الزام آهي ته گجرات اولڊ جي ٽي روڊ کان لکنوال تائين 10 ارب رپين جي لاڳت سان روڊ ٺاهيو ويو. دعويٰ موجب ٻنهي ٺيڪن ۾ رشوت پرويز الاهي جي فرنٽ مين سهيل اصغر وصول ڪئي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو