سيشن جج اٽڪ پرويز الاهي کي بازياب ڪرائي پيش ڪري،حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ سيشن جج اٽڪ کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي کي بازياب ڪري سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالتي حڪم باوجود پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ جو حڪم ڏيندي آءِ جي پنجاب کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.آءِ جي پنجاب چيو ته رڳو شوڪاز نوٽيس جاري نه ڪيو وڃي. سڀاڻي تائين وقت ڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته پهرين شوڪاز جاري ڪريو پوءِ ڪارروائي ٿيندي ۽ سزا ڏني ويندي.ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته هڪ موقعو ڏنو وڃي ته انڪوائري ڪري عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي خبر ناهي پرويز الاهي ڪٿي آهي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته پرويز الاهي پنجاب جي ڪنهن به اٿارٽي يا اداري وٽ ناهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته پوليس کي خبر ناهي ته پرويز الاهي ڪٿي آهي، جنهن تي آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو ته اسان کي اها به خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي.سردار لطيف کوسا به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته جيڪڏهن هن عدالت جي حدن مان ورتو وڃي ته پوءِ عدالت کي اختيار آهي ته ڪنهن به صوبي ۾ حڪم ڏئي، اهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ رٿيل هو،لطيف کوسا چيو ته ڊي آءِ جي آپريشنز گاڏي مان هيٺ لهي ۽ مون کي به لاٿو،عدالتي حڪم جي اهڙي خلاف ورزي 50 سالن جي وکالت ۾ نه ڏٺي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ سيشن جج اٽڪ کي پرويز الاهي کي اٽڪ جيل مان بازياب ڪري سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ آءِ جي اسلام آباد کي 8 سيپٽمبر لاءِ توهين عدالت جو نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو