پختونستان وارا پِٽجي ويا، سنڌوديش وارن کي به شڪست ملندي،قريشي

اسلام آباد (اياز مهر) پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي بلاول ڀٽو کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته سندس لاءِ اهو مناسب ناهي ته سنڌوديش ۽ پختونستان جي ڳالهه ڪري.. پختونستان جي ڳالهه ڪندڙ  پٽجي ويا آهن ۽ سنڌو ديش جي ڳالهه ڪندڙن کي به شڪست ملندي. اهڙو اظهار هن قومي اسمبلي ۾ خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته مونکي اميد آهي ته سنڌ وارا پاڪستان کي سپورٽ ڪندا.  هن بلاول، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو  ته اسان کي اوهانجي حڪومت سان گندگي ڪرڻ جي ڪا نيت ناهي. مان وفاقي حڪومت پاران پاليسي بيان ٿو ڏيان ته اسين آئين جو مڪمل احترام ڪريون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين. هن چيو ته وزير قانون فروغ نسيم جي آرٽيڪل 149 بابت ڏنل بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي ۽ هن اهڙي وضاحت به جاري ڪئي آهي. ياد رهي ته ڪالهه بلاول ڀٽو زرادري حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خبردار ڪيو هو ته ڪراچي تي وفقي حڪومت قبضي جو خواب ڏسن ڇڏي ڏي. جيڪڏهن ڪشمير تي مودي جو قبضو ناجائز آهي ته پوءِ ڪراچي تي تحريڪ انصاف جو قبضو ڪيئن جائز آهي. واضح رهي ته خميس تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر عارف علوي جي سالياني خطاب دوران اپوزيشن ايوان ۾ وڏو هل هنگامو ڪيو هو، گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ تي اسپيڪر تي به تنقيد ڪئي هئي ۽ گرفتار ايم اين ايز جن ۾ آصف علي زرداري به شامل هو تن جا فوٽو ايوان ۾ لهرايا هئا. ان تناظر ۾ شاهه محمود قريشي چيو هو ته اوهين احتجاج ڀلي ڪريو پر ڪشمير مسئلي تي ان کي فوقيت نه ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو