پبلڪ هيلٿ جي نااهلي، پائيپ لائين بدلي نه ٿيڻ ڪري روڊ رستا تباهه

نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو) پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپورخاص جي نااهلي سالن کان ناڪاره بڻيل واٽر سپلائي اسڪيم جي پائيپ لائين بدلي نه ٿيڻ ڪري نئوڪوٽ جي مين بس اسٽاپ کان ڍورو بازار تائين وڇايل لائين هنڌان هنڌان ٽٽي وئي. واٽر سپلائي اسڪيم مان پاڻي جي سپلائي شروع ڪرڻ دوران پاڻي محلن، ڪالونين، وارڊن تائين پهچڻ بجاءِ هنڌان هنڌان ضايع ٿيڻ لڳو اطلاع باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي ڪوبه قدم نه کنيو صرف واٽر سپلائي اسڪيم جي انجارج جي اڳواڻي ۾ ملازمن ٽٽل پائيپ لائين ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل مين روڊ ٽوڙي خاموش ٿي ويهي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾شهرين ٻڌايو ته گذريل ويھ سالن کان پوءِ سي پيڪ منصوبي تحت ڊگهڙي کان مٺي نئون ڪوٽ روڊ تعمير ٿيو آهي جنهن کي نااهل پبلڪ هيلٿ کاتي ميرپور خاص ٽوڙي هنڌان هنڌان کڏا ڪري تباھ ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته روڊ تعمير ٿيڻ کان اڳ پبلڪ هيلٿ کاتو ٽٽل پائيپ لائين تبديل ڪرائي ها ته اڄ روڊ نه ٽٽي ها. شهرين وزير اعليٰ سنڌ، ڪمشنر ميرپورخاص کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري نااهل پبلڪ کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو