پاڻي واري تان جعفري برادري ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

خانپور(زبيرگل) رحيم آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيوڙو ۾ زمين جي لنگھ ۽ پاڻي جي واري جي مامري تي جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو لٺيون، ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ڳوٺاڻن علي مراد، محمد نواز، محمد علي، مولابخش، عرض محمد، محمد علي سميت 10 ڄڻن کي فوري طور تي خانپور اسپتال آندو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جڏهن ته 5 ڄڻن جي طبعيت نازڪ هجڻ سبب شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي رحيم آباد پوليس ٻڌايو ته جعفري برادري ۾ پاڻي جي واري جي مامري تان جهيڙو ٿي پيو آهي جيئن ئي اسان کي اطلاع مليو ته اسين زخمين کي فوري طور تي اسپتال آندو آهي. پوليس ٻنهي ڌرين جي 4 ماڻهن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو