پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جو رابطو بحال نه ٿيو، کاڌي جي کوٽ

ڊرگھ بالا (جي ايم لنڊ)ڪاڇي جي مختلف شھرن ڊرگھ بالا ھئيروخان سميت ننڍن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ سانوڻي جي برسات جاري، نئين گاج ۾ مسلسل تيرنھن کان چوڏھن فوٽ پاڻي جو وھڪرو جاري، سڪل وڻ ٻوٽآ پکي پکڻ خوشي ۾ جھومي اٿيا آھن. نئين جي پيٽ ۾ ڳوٺ جعفرخان لنڊ سڄڻ جي پئي سرائي فقير محمد مٺو لنڊ سميت پندرنھن کان ويھ ڳوٺن جو رستو ڪچوھئڻ ۽ نئين وٽ پلون نه ھئڻ ڪري ڊرگھ بالا ۽ جوھي سان  مسلسل ويھ ڏينھن کان زميني رابطو ڪٽيل ھئڻ ڪري انھن ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي سامان جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي. جڏھن ته دادو جوھي جي چونڊيل نمائندن توڙي سماجي تنظيمن متاثر ڳوٺن جي راھواسين جي مدد لاءِ ڪو به ناهي پهتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو