اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) ايشيائي ترقياتي آئوٽ لُڪ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت وچولي مدت ۾ ترقي جي رستي تي آهي.ADB جي رپورٽ موجب، پاليسي سڌارن ۽ استحڪام سان معيشت ۾ بهتري ايندي رهندي، ۽ IMF پروگرام تحت پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۾ ترقي ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2026 ۾ GDP جي واڌ 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، بار بار ايندڙ قدرتي آفتون ۽ تازيون ٻوڏون ترقي لاءِ خطرو بڻيل آهن.رپورٽ موجب، سڌارا ۽ پاليسي تي عمل درآمد معيشت جي رفتار ۽ اعتماد کي برقرار رکي سگهي ٿو. مالي سال 2026 ۾ آمريڪا-پاڪستان واپاري معاهدي سان ڪاروباري اعتماد بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ جي به اميد آهي.ADB جي مطابق، تعميراتي شعبي لاءِ بجيٽ ۾ ڏنل ترغيب جزوي طور تي نقصانن کي گهٽائيندي، ۽ 2026 ۾ افراط زر ۾ سراسري طور تي 6 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. ٻوڏ جي ڪري سپلائي چين ۾ خلل پوندو ۽ کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي، ۽ گئس ٽيرف ۾ واڌ پڻ افراط زر کي وڌائيندي.اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي بينڪ افراط زر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ محتاط مالي پاليسي اختيار ڪندو.










