پاڪپتن مان گم ٿيل سرڪاري استاد جي لاش ٻني مان هٿ

پاڪپتن مان گم ٿيل سرڪاري استاد جي لاش ٻني مان هٿ

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) پاڪپتن مان گم ٿيل سرڪاري عورت استاد جي لاش ٻني مان هٿ آئي آهي.پوليس موجب، عورت جي ڌيءَ ان جي سڃاڻپ ڪئي، ۽ واقعي جي مکيه جوابدار، هڪ ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. عورت جوابدار ڪانسٽيبل کي گهر ڪرائي تي ڏنو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪيو ۽ سندس لاش 25 ڪلوميٽر پري اڇلائي ڇڏيو.ٻئي طرف، شيخوپوره ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ 15 سالن جي ڇوڪرو سان زيادتي ڪئي وئي، جنهن تي پيرا فورس ملازم سميت ٽن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو