نيويارڪ( ويب ڊيسڪ) ٿوري ئي عرصي ۾ پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ جو خدشو، بيروزگاري ۾ 10 سيڪڙو سالياني واڌ سبب هر سال 30 لک ماڻهو غريب طبقي ۾ شامل ٿيڻ لڳا، پاڪستان ۾ وچولي طبقي جو انگ 42 مان گهٽجي ويو33 سيڪڙو رهجي ويو آهي.گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ وچولي طبقي جي شرح 42 سيڪڙو کان گهٽجي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي.گڏيل قومن جي ماتحت اداري يو اين ڊي پي جي رپورٽ موجب معاشي بحران سبب وچولو طبقو تمام گهڻو سڪڙجي رهيو آهي، هي طبقو پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ زندگي گذاري ٿو، جڏهن ته اشرافيه سماج تي پنهنجو تسلط برقرار رکڻ لاءِ وچولي ۽ غريب طبقي جي ذهين ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.اقتصاديات جي ماهر حفيظ پاشا موجب معاشي عدم استحڪام ۽ قوت خريد ۾ گهٽتائي جهڙا عنصر ان جا وڏا سبب آهن. مهانگائي سبب غربت تيزي سان وڌي رهي آهي. بيروزگاري ۾ 10 سيڪڙو سالياني واڌ سبب هر سال 30 لک ماڻهو غريب طبقي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، امير پنهنجي آمدني جو 20 کان 30 سيڪڙو خرچ ڪن ٿا، جڏهن ته وچولو ۽ غريب 70 کان 80 سيڪڙو خوراڪ تي خرچ ڪن ٿا. دولت جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڪري امير وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ڪجهه وقت ۾ 2 ڪروڙ وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا.
