پاڪستان کي پوري محنت سان قرض پروگرام تي عمل ڪرڻو پوندو

پاڪستان کي پوري محنت سان قرض پروگرام تي عمل ڪرڻو پوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ان پروگرام تي پوري لگن سان عمل ڪرڻو پوندو.هڪ بيان ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته قرض پروگرام جي پاليسين تي عمل نه ٿيڻ سبب پاڪستان جا اندروني ۽ بيروني مالي ذخيرا گهٽ ٿيا، پاليسين تي مسلسل عمل سان عدم توازن ختم ڪيو ويندو.ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آهي ته نئون اسٽينڊنگ پروگرام پاڪستان ۾ اقتصادي استحڪام آڻڻ جو هڪ موقعو آهي.ايم ڊي آءِ ايم ايف بجلي جي قيمت ۽ قيمت ۾ توازن رکڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، پاور سيڪٽر ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊيز کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو