پاڪستان لُڙهي آيل ڀارتي فوجيءَ جو لاش موٽائي ڏنو

لاهور (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحد واري ورڪنگ بائونڊري واري علائقي ۾ موجود پاڻيءَ جي نالي ۾ ٻُڏي فوت ٿيل ڀارتي فوجيءَ جو لاش پاڪستاني اختيارين پاران ڀارتي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر انهيءَ ڏس ۾ تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) جو سب انسپيڪٽر پري توش منڊال والاريل ڪشمير ۾ ورڪنگ بائونڊريءَ وٽان هڪ نالو پار ڪندي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئو ۽ سندس لاش وهي پاڪستاني حدن ۾ آيو. بي ايس ايف جي درخواست پنجاب رينجرز سرچ آپريشن ڪري پري توش منڊال جو لاش هٿ ڪري بي ايس ايف اختيارين حوالي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو