پاڪستان روس کان 12 لک تيل خريد ڪرڻ جو خواهشمند آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيٽروليم واري مملڪت وزير مصدق ملڪ سٺي خبر ٻڌائيندي چيو ته پاڪستان روس کان ساليانو 12 لک ٽن تيل خريد ڪرڻ جو خواهشمند آهي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مصدق ملڪ چيو ته روس کان هر مهيني هڪ لک ٽن تيل خريد ڪرڻ جي ڊيل ٿي رهي ۽ ان ڏس ۾ معاملا طئي ٿي چڪا آهن پيٽروليم واري وزير چيو ته پاڪستان 24 جولاءِ آذبائيجان سان ايل اين جي ڪارگو جو معاهدو ڪري رهيو آهي ۽ سعوديه سان رفائنري جي حوالي سان ڊيل ڪري رهيو آهي هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 1500 ايم سي سي ايف ڊي گئس فرٽيلائيزر کائي وڃن ٿا فرٽيلائيزر سيڪٽرز جي سستي گئس جي معاهدن جو مدو ختم ٿي رهيو آهي فرٽيلائيزرز کي گئس فراهم ڪرڻ جا نوان معاهدا نون شرطن تي ٿيندا وفاقي وزير چيو ته صنعتن کي سستي ايل اين جي فراهم ڪرڻ جي نئاني پاليسي متعارف ڪرائي رهيا آهيون ۽ ان لاءِ صنعتڪارن سان ملاقات جو شيڊول طئي ٿي رهيو اهي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اسمگلنگ جاري آهي جنهن سان پاڪستان کي اسمگلنگ سان 120 ارب رپيا نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران روس کان تيل خريد ڪرڻ تي آمريڪا کي ڪي به خدشا نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو