واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال پاڪستان جو اندروني معاملو آهي.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته هو پاڪستان ۾ جمهوري آئيني ۽ قانوني اصولن جي حمايت ڪن ٿا. ڀارت بابت سوال تي هن چيو ته دنيا ۾ اظهار جي آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته انٽرنيٽ جي رسائي ڪشمير سميت دنيا جي ٻين جمهوريتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم آهي.هن وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون بابت پاڪستان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون.
