پاڪستان جو گڏيل عرب امارتن کي قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان جو گڏيل عرب امارتن کي قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن جو قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب، پاڪستان 2 ارب ڊالر هن مهيني جي آخر ۾ ابوظهبي کي واپس ڪندو، جيڪا رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ سيڪور ڊپازٽ طور موجود هئي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، پاڪستان هن رقم تي 6 سيڪڙو جي شرح سان وياج ادا ڪري رهيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اي اي پهرين اِها رقم کي سالياني بنياد تي رول اوور ڪندو رهيو ۽ ڊسمبر 2025 ۾ هڪ مهيني لاءِ ۽ پوءِ ٻه مهينن لاءِ رول اوور ڪئي وئي.ذريعن موجب، موجوده بين الاقوامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي يو اي اي رقم جي فوري واپسي جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو