پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾آصف علي زرداري سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي ته ملزم بيماري سبب عدالت ۾ حاضر نه هو ۽ ڪراچي جي بلاول هائوس مان ويڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم جي ڪاروائي هلائي وئي. صدر زرداري چيو ته مونکي خبر آهي ته فرد جرم ڪيئن لاڳو ٿيندي آهي 30 سالن کان اوهانجا ڪيس ڀوڳيان پيو. صدر زرداري چيو ته منهنجو وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. جنهن تي جج چيو ته فرد جرم لاءِ وڪيل جي ضرورت ناهي هوندي اوهان الزام ٻڌو ۽ جواب ڏيو.‘مائي لارڊ اوهان آرڊر ۾ لکو ته منهنجو وڪيل موجود ناهي’. جج چيس مسٽر آصف زرداري مان اوهان کي چارج شيٽ پڙهي ٿو ٻڌايان. اوهان جعلي فرنٽ ڪمپني ٺاهي نيشنل بئنڪ کان قرض وٺي رقم خرد برد ڪئي ۽ اثر استعمال ڪندي قرض ورتو، جنهن تي آصف علي زرداري صحت جرم کان انڪار ڪيو. ان کان اڳ ٻين ملزمن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان اڳ سندن حاضري لڳائي وئي. جوابدارن عدالت کي چيو ته سندن وڪيلن سان ملڻ ڏنو وڃي، جج انڪار ڪندي چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد وڪيلن سان اوهان جي ملاقات ٿيندي. هن ڪيس ۾ شريڪ ملزمن ۾ انور مجيد، شير علي، فاروق عبدالله ۽ محمد سليم فيصل تي به ويڊيو لنڪ ذريعي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. آصف علي زرداري هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ مان منظور ڪيل ضمانت تي آهي. ياد رهي ته 7 آگسٽ تي عدالت سندس بريت جي درخواست رد ڪندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن هڪ درخواست بريت لاءِ ۽ ٻئي عدالتي دائره اختيار بابت داخل ڪيون هيون جيڪي احتساب عدالت جي جج اعظم خان رد ڪيون هيون. عدالت 10 آگسٽ تي آصف زرداري خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو. پارڪ لين ريفرنس ۾آصف زرداري ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ۾ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي هئي، اڳوڻو صدر طبي بنيادن تي ضمانت بعد ڪراچي ۾موجود آهي، جتي سندس علاج جاري آهي. ياد رهي ته پارڪ لين اسٽيٽ ڪمپني ذريعي اسلام آباد ۾ هائوسنگ اسڪيم لاءِ 2460 ڪنال زمين خريد ڪئي وئي هئي. جنهن جي ماليت 2 ارب کان مٿي آهي ۽ هنن 62 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڄاڻائي هئي. هن ڪيس ۾ جاچ لاءِ بلاول ڀٽو کي به طلب ڪيو ويو هو. هن ڪمپني ۾ آصف ۽ بلاول جا 30 ٽيهه سيڪڙو شيئر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو