اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽوڪر ثنا يوسف جي قتل جو ٽرائل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج افضل مجوڪا کي ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس سرفراز ڊوگر قتل ڪيس جي جوابدار عمر حيات جي ڪيس منتقلي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.جوابدار عمر حيات ٽرائل جج تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪيس منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي.










