ٽي هفتا اڳ اغوا ٿيل سيپڪو ملازم بازياب

ٺل(رپورٽ عبدالنبي شيخ) ٽي هفتا اڳ لکي غلام شاه مان اغوا ٿيل سيپڪو رٽائرڊ ملازم کي شڪارپور پوليس پاران مبينه طور بازياب ڪرائي ورتو، مغوي جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي،ويھ ئي ڏينهن مونکي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو ويو هو تشدد پڻ ڪيائون، مانکي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس سان مقابلو ٿي پيو پاڻ ڇڏي ڀڄي ويا۔مغوي عبدالمجيد سرڪي۔خبر موجب ٺل جو رهواسي سيپڪو جو رٽائرڊ ملازم عبدالمجيد سرڪي ٽي هفتا اڳ سکر کان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته لکي غلام شاھ وٽ هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا هئا،شڪارپور پوليس پاران شڪارپور جي ڪچي مان مغوي کي آپريشن جي ذريعي مبينه طور بازياب ڪرائي ورتو آهي،مغوي عبدالمجيد سرڪي جي گهر پهچڻ تي وارثن ۽ شهرين ۾ خوشي جي لهر ڇانجي وئي آهي،مغوي عبدالمجيد سرڪي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته آئون سکر کان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هوس ته لکي غلام شاھ وٽان مونکي ڏھ هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا هئا،بند ڪمري ۾ هڪ کٽ سان ويھ ڏينهن ٻڌي ڇڏيو ويو هو ڪالھ مونکي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته شڪارپور پوليس سان مقابلو ٿي پيو فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هو مونکي ڇڏي ڀڃي ويا ۽ پوليس صحيح سلامت ڌاڙيلن مان بازياب ڪرائي ورتو،بابا کي پوليس واپس ڪرايو آهي,مغوي جي پٽ عبدالوحيد سرڪي پڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي،ياد رهي ته مغوي عبدالمجيد سرڪي جي بازيابي لاء لکي غلام شاھ ۾ ڌرڻو هنيو ويو هئو جنهن جي نتيجي ۾ لکي پوليس پاران ٽيھ نامينيٽ ۽ هڪ سؤ ڏھ ڄڻن تي وڳوڙ ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو