ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي علي ڏنو گاد، قربان جمالي، آفتاب منگي، محمود علي ملگاڻي، نثار احمد سولنگي ۽ ٻين چيو ته سال 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي پر اسان کي آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا جنهن ڪري اسين مسلسل بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو