ٽن مختلف حادثن ۾ 2 فوت 3 زخمي، هڪ جي حالت نازڪ

ڪراچي(نمائندن وٽان) کاڻوٺ، ڪنڊيارو ۽ درٻيلو ۾ ٽن مختلف واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. مانجهند مان مهراڻ يوسف عمراڻي موجب خاڻوٺ ويجهو علي آباد انڊس ها۽ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪار جو لاکڙا کان ڄامشورو طرف ويندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ھمير پٺاڻ ۽ نظير سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو خاڻوٺ پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن نوشهرو فيروز مان مشتاق حسين مري موجب ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ قابل مڱريو وٽ ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوارمهمير ڪلهوڙو زخمي ٿي پيو ساڻس گڏ سندس گھرواري مسمات ڀاڳل فوت ٿي وئي. حادثي جي  زخمي کي ۽ فوتي عورت جولاش تعلقه اسپتال آندو ويوجتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي عورت ۽ سندس مڙس جو تعلق ڀريا تعلقه سان ٻڌايو وڃي ٿو. ٻئي پاسي درٻيلو ۾ پراسرار گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو۔ زخمي نوجوان نديم ولد غلام محمد ڪلو کي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، زخمي نوجوان ٻڌايو ته کيس زمين تي گاھ ڪرڻ دوران پيٽ ۾ گولي لڳي، خبر ناهي ته ڪيئن ۽ ڪٿان لڳي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو