ٽريڪٽر جي ٽڪر، جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 2 نينگر فوت

عادلپور/ سکر(اسلم مهر/جيرام داس) سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ 2 مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري ٻارڙو ۽ نينگري فوت ٿي چڪا آهن. عادل پور پير مبارڪ شاھ بغدادي اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر روڊ پار ڪندڙ 8 ورھين جي نينگر کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ معزيب ولد قربان ڪولاچي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. واقعي کان پوءِ عادلپور پوليس نينگر کي کڻائي  تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. لاش گھر پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. ھوڏانھن پوليس ٽريڪٽر کي ڊرائيور سميت پنھنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف سکر ۾ ڳوٺ غوث بخش چاچڙ ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب 7 سالن جي ٻارڙي دلشاد ڌيءَ رحمت الله چاچڙ زخمي ٿي پئي هئي کيس سکر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. نينگري جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو آهي. پوليس موجب ٻارڙي جي چاچي قمر الدين جي فرياد تي پنجن ڄڻن مٿان اين سي داخل ٿيل آهي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو