ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا لاش نه مليا، تڏو وڇايل

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) پنجاب صوبي جي لياقت پور ڀرسان ٽرين کي لڳل باھ دوران تنگواڻي جمال پوليس ٿاڻي جي ڳوٺ ھوران جعفري جا رھواسي ھڪ ئي خاندان جا چار ڀاتي ماءُ، ڌيءَ مسمات خيران، مسمات راحيلا ۽ ٻه سڳا ڀا ئر علم الدين ۽ امام الدين جعفري جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪالھ کان رحيم يار خان ترسيل آھن فوتين جي وارثن جو چوڻ آھي ته ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا. ٻئي پاسي تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ ھوران جعفري ۾ پورو علائقو سوڳوار بڻيل آھي وارثن پاران تڏو وڇايل آهي پر ان باوجود تر جي ڪنهن به چونڊيل نمائندن پاران ان سلسلي ۾ متاثر خاندان سان رابطو ناهي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو