ٻڪريون پوک ۾ گهرڻ تي 90 ساله پيرسن مرڻينگ

ڏيپلو(فرمان بجير) ٻني ۾ تنھنجيون ٻڪريون ڇو گهريون ، ڏيپلو جي ڳوٺ ويڙي جھپ لڳ پسايا برادري جي محب ، گل شير ، پيارو سڀ پٽ عالم پسايو، گڏجي لڳ ڀڳ 90 سالا پيرسن اسماعيل بجير سان منهن ماري ڪرڻ کان پوءِ کيس لٺيون ھڻي پيرسن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو . بعد ۾ بجير برادري جي ماڻھن کي ايندو ڏسي جوابدار ڀڄي ويا. پيرسن اسماعيل جي حالت خراب ڏسي وارثن تعلقه اسپتال ڏيپلو ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو . پوليس مطابق پيرسن تي حملو ڪري سخت زخمي ڪيو ويو آهي. وارث اگر ڪيس داخل ڪرائيندا ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو