ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آئي چيئرمين کي اٽڪ ۾ ڇو رکيو ويو:عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل سهولتن ۽ اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ واري ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل ۾ رکڻ جي سببن بابت به رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي ڪهڙن سببن جي بنياد تي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو آهي.ايندڙ ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي گهر جو کاڌو به ڏئي سگهجي ٿو يا نه، ان حوالي سان به مدد طلب ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته رڪارڊ تي اهڙو ڪجهه ناهي جيڪو قيدي کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو کان وڌيڪ ملاقات کان روڪي ٿو، جيل ضابطن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي دوستن، مائٽن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪري سگهي ٿو.عدالت چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي نماز ۽ قرآن شريف جي انگريزي ترجمي لاءِ جاءِ ڏني وڃي ۽ کيس طبي سهولتون به ڏنيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو