ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ جو تيز ترين ۽ اثرائتو ذريعو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رياست وٽ هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن وٽ متاثر ماڻهن جو ڊيٽا ۽ انهن تائين رسائي جي صلاحيت آهي، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام استعمال نه ڪرڻ غفلت جي برابر هوندو،










