ٻن ڏينهن بعد آزادي مارچ نئون رُخ اختيار ڪندو؛ دُراني

ٻن ڏينهن بعد آزادي مارچ نئون رُخ اختيار ڪندو؛ دُراني

اسلام آباد(اياز مهر) اپوزيشن جماعتن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس مولانا فضل الرحمٰن جي صدارت هيٺ اڪرم دراني جي رهائشگاهه تي ٿي گذريو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڌرڻي جي آئنده لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر اڪرم دراني چيو ته ٻن ڏينهن بعد آزادي مارچ نئون رخ اختيار ڪندي ٽن تجويزن تي غور ڪيو ويو آهي سڀئي پتا جلد نه ڏيکارينداسين جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو ان کان رهبر ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو. هن اجلاس ۾ سڀني اپوزيشن جماعتن ۽ ڪارڪنن جي ساراهيو ۽ چيو ته سڀئي جماعتن ۾ اتفاق ٿي ويو  آهي حڪومت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌايو وڃي ڪارڪنن لاءِ خيمن ۽ کائڻ پيئڻ جي سامان جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. اڪرم دراني وڌيڪ چيو ته رهبر ڪميٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ بغير ڪو به فيصلو نه ڪيو ويندو ڪميٽي هن مهل تائين وزيراعظم جي استعيفيٰ تي مضبوط بيٺي آهي. واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن جي قيادت ۾ اپوزيشن جماعتن جو آزادي مارچ اڄ اٺين ڏينهن ۾ شامل ٿي ويو آهي ڌرڻي ۾ موجود ڪارڪن سرد موسم جي باوجود ايڇ نائن گرائونڊ ۾ وڏي تعداد ۾ موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو