ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر 3 ڄڻا زخمي هڪ جي حالت نازڪ

فيض گنج (وسيم سولنگي)  ڀنگو بهڻ  لڳ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ٽڪر سبب ٽي  ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ڀنگو بهڻ روڊ تي شاهن خان شر  اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتجي ۾ ٽي  ڄڻا رجب علي شر ۽نوجوان پيارو خان شر ۽منصور شر  زخمي ٿي پيا جن کي فيض گنج  جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جي  هڪ زخمي رجب شر  جي حالت نازڪ هجڻ ڪري هن کي سول اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو