ٻن عدالتن جون ڌار ڌار قتل ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون

شهدادڪوٽ/ شاهپور جهانيان(نمائندن وٽان) ماڊل ڪورٽ شهدادڪوٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي سزا موت ۽ 10لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ڏوه ۾ استعمال ٿيل بندوق غير قانوني هجڻ جي ڏوه ۾ 7 سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ هڪ سال 6مهينا قيد پڻ ڪاٺيندو ، شهدادڪوٽ جي ماڊل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ماڊل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد عثمان مگسي کي سزا موت ۽ 10لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن حوالي ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

هوڏانهن  جوابدار پاران قتل جي ڏوه ۾ استعمال ٿيل بندوق غير قانوني هجڻ جي ڏوه ۾ 7سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ، گڏيل ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ هڪ سال 6مهينا قيد ڪاٺيندو ۽ عدالت پاران جوابدار  کي مليل سزا بابت 7ڏينهن اندر اپيل داخل ڪرڻ جو پڻ حق ڏنو ويو آهي ، ياد رهي ته جوابدار محمد عثمان مگسي 2015 ۾ سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام مصطفي مگسي ۾ زمين جي مالڪي جي ڳاله تان زمين تي ڪم ڪرڻ دوران بندوق جا فائر ڪري مقتول محمد حسين مگسي کي قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس مقتول جي ڀاء محرم علي مگسي جي فرياد تي سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جنهن جي ٻڌڻي دوران ماڊل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ڄاڻايل سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، هوڏانهن ٻڌايل سزا بعد جوابدار محمد عثمان مگسي کي پوليس جي پهري ۾  ماڊل ڪورٽ کان سينٽر جيل لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. *** شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو موجب ڦر دوران مزاحمت ڪندي ڦورن هٿان فائرنگ ۾ قتل ڪيل نوجوان جي ڪيس ۾ مقامي عدالت نوجوان جو خون ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن کي عمر قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪلي ڇڏيو . 7 سال اڳ شاهپور جهانيان ويجهو بڙدي لنڪ روڊ تي هٿياربند ڦورن هٿان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڳوٺ هاڙهو ڀٽي جي رهواسي نوجوان مهيوال عرف ڏاڏو ڀٽي کي قتل ڪيو هو ، جنهن جو ڪيس مقتول مهيوال عرف ڏاڏو ڀٽي جي ڀاء عمر ڀٽي جي فرياد تي حد جي لغاري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو ، خون جي ڪيس ۾ فريادي ڌر جو وڪيل مير نواز ڪلهوڙو ڪورٽ ۾ سندن ڪيس جي پيروي ڪري رهيو هو ، جڏهن ته اڄ گرفتار ٿيل ٽنهي جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ايڊيشنل سيشن جج نديم احمد خان پٺاڻ جوابدار علي اصغر لغاري کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ ، جڏهن ته ٻن جوابدارن سعيد ٻگهيو ۽ احسان مغل کي به عمر قيد ۽ پنجاه پنجاه هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي . سزا آيلن کي سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو